شاهه جي وسي

شاهه جي وسي: ڊاڪٽر حامد علي خانائي پنهنجي ڪتاب ‘تاريخ نصرپور’ ۾ لکي ٿو ته، “نصرپور شهر ۾ جڏهن سيد عبدالرزاق شاهه رضوي آيو ته هُو ساڱري درياهه جي چاڙهه جي ڪناري تي هڪ ڳوٺ ٻَڌي ويٺو، جنهن ڳوٺ کي ‘شاهه جي وسي’ ڪري سڏيندا هئا. سيد عبدالرزاق شاهه وڏي پدويءَ وارو بزرگ هو ۽ مهمان نوازيءَ ۾ تمام گهڻو مشهور هو. چوڻ ٿا ته انهيءَ زماني ۾، جڏهن فيروز شاهه تغلق پهريون دفعو هن وسنديءَ وٽان اچي لنگهيو هو ۽ ٺٽي پئي ويو، ته ان وقت سيد عبدالرزاق فيروز شاهه جي دعوت ڪئي. ان واقعي کانپوءِ سيد عبدالرزاق وفات ڪري ويو. فيروز تغلق جڏهن ٻيو دفعو سنڌ ۾ آيو ته هن پنهنجي ڪارندي نصر خان کي شاهه جي وسيءَ جي ڀرسان ساڱري جي ڪپ تي هڪ مضبوط قلعو تعمير ڪرائڻ لاءِ حڪم ڏنو. قلعو تعمير ٿيڻ کانپوءِ هي شهر آباد ٿيو ۽ نصر خان جي نالي سان هي شهر ‘نصرپور’ سڏجڻ لڳو.”


لفظ شاهه جي وسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو